نالي ۾ ڪريل ٻار کي بچائيندي نوجوان ٻڏي فوت

نالي ۾ ڪريل ٻار کي بچائيندي نوجوان ٻڏي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي سهراب گوٺ ٿاڻي جي حد مچھر ڪالوني ۾ انسانيت جو وڏو مثال قائم ڪندي هڪ نوجوان پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. نورِ اسلام مسجد جي ويجهو کليل نالي ۾ ڪريل 4 سالن جي معصوم ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ 17 سالن جو نوجوان گلاب ولد منظور پاڻ نالي جي اونهي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ايس ايڇ او گل بيگ پنجيرو موجب، 4 سالن جو معصوم شاويز ولد جاويد سائيڪل هلائي رهيو هو ته اوچتو کليل نالي ۾ وڃي ڪريو، جنهن کي ٻڏندو ڏسي اتان گذرندڙ نوجوان گلاب پنهنجي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ نالي ۾ ٽپو ڏئي ڏنو، پر پاڻي جو وهڪرو تيز هجڻ سبب ٻئي ٻڏي ويا. ريسڪيو 1122 جي ٽيمن ۽ غوطاخورن فوري ڪارروائي ڪندي نوجوان گلاب جو لاش نالي مان ڪڍي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته لاپتا 4 سالن جي معصوم شاويز جي تلاش لاءِ نالي ۾ سرچ آپريشن اڃا تائين جاري آهي. علائقي ۾ کليل نالن تي شهرين پاران انتظاميا خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو