مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري گهر  ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت

مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت

حيدر آباد (ن س ) سنڌ جو مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري گهر کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو، حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي ۾ گهر کي باھ لڳڻ سبب سنڌ جو مشهور مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو آهي، رات جو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنھن سبب ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بچائيندي سندس پٽ به سڙي زخمي ٿي پيو آهي، ريسڪيو ٽيم پهچي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه سول اسپتال پهچايو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿيڻ واري خبر باهه جيان ڦهلجي وئي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ زندگيءُ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو، صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس کي واقعي جي هر پهلوءَ کان جاچ ڪرڻ گهرجي.سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ادب ۽ شاعري ۾ هڪ وڏو مقام رکي ٿو.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي

سنڌ جي انقلابي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زندگي تي هڪ نظر

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش انصاري هو جيڪو 25 ڊسمبر 1956ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل به وڃڻو پيو. بعد ۾، 1995ع ۾، هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني ‘سوال’ اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. 2002ع ۾، ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊيولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ‘ڪيئن رهان جلاوطن’ ۽ ‘اڌورا اڌورا’ شايع ٿي چڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزي ترجمو ‘An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow’ جي عنوان سان 2021ع ۾ ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي.  ڊاڪٽر آڪاش انصاري اڄ 15 فيبروري 2025 تي گذاري ويو.  سندس موت تي سڄي سنڌ سوڳوار آھي.

شاعر آڪاش انصاري جو موت، معاملي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم

 ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي وئي.حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي ۾ گهر کي باھه لڳڻ سبب سنڌ جو مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو.ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، جاچ جي اڳواڻي ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال ڪندو. ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته معاملي جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو