ڪنڌڪوٽ( غالب بلوچ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ حيات کوسو ۾ مارواڙي برادري جي ٻن ڀائرن پنھنجي ماءُ مٿان تشددڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. 70 سالن جي مسمات ھرکو مارواڙي کي نافرمان پٽن مصري ۽ گھيمو مارواڙي پنھنجي زالن جي چوڻ تي لٺيون ۽ بيلچا ھڻي سخت زخمي ڪيو ويو۔ زخمي عورت کي علاج لاءِ تنگواڻي اسپتال نيو ويو جتي ڪوبه عملو موجود نه ھجڻ ڪري پٽ تي تڙپندي رھي ۽ ڪافي دير تائين زخمي عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زندگي بچائڻ جون پڻ دانھون ڪندي رھي۔ھوڏانھن اطلاع ملڻ تي پوليس پاران جوابدارن جو پيڇوڪيو ويو پر جوابدار فرارٿي ويا.










