نافرمان اولاد کان لاتعلقي جو اعلان، غوث علي شاهه

نافرمان اولاد کان لاتعلقي جو اعلان، غوث علي شاهه

خيرپور  (سجاد علي ڪٻر )سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه الغوث ھائوس خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آھي ته مان پنهنجي نافرمان اولاد کان ميڊيا جي سامهون  لاتعلقي جو اظهار ڪريان ٿو ، سيد غوث علي شاهه جي ملڪيت مان لاتعلق ٿيلن ۾  علي حيدر شاهه ، شبير حيدر شاه ، ڌي سيده شاهدان شاه ۽ سندن اولاد شامل آھن سيد غوث علي شاهه چيو ته سندس ننڍي گهرواري ڊاڪٽر سيد فرخنده شاهه پٽ سيد صفدر حيدر شاهه  ، پٽ امير حيدر شاه ، وڏي ڌيء شاهينه فاطمه شاهه ۽ سندن اولاد منهنجي مليڪت جي وارثن ۾ شامل آھن سيد غوث علي شاهه چيو ته سندس پٽ علي حيدر شاهه ۽ شبير حيدر شاهه جا پٽ قربان علي شاهه نواز علي شاهه ساٿين جي مدد سان مونکي ۽ منهنجي ننڍي گهرواري ۽ ان مان هڪ پٽ صفدر شاهه کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ جوڙي منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ چاهين پيا پر پلاننگ ناڪام ٿي وئي آھي سيد غوث علي شاهه چيو ته انتهائي غم زده آھيان ته زندگي ڀر جنهن اولاد کي خوش رکڻ لاء ڪوششون ڪيون پر هاڻي لالچ ۾ اچي نافرمان اولاد بدلي ۾ قتل ڪرڻ چاهي ٿي ،ساڻن سڀ واسطا ختم ڪريان ٿو ، هن چيو ته نافرمان اولاد ۽ پوٽن قربان علي شاهه نواز علي شاهه جا واسطا ڏوهارين سان آھن  جن خلاف قانوني ڪاروائي جي اپيل ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو