ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه مسيحي برادري کي ايسٽر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ مسيحي برادري جو ڪردار ساراهھ جوڳو آھي. هن چيو ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ مسيحي برادري جي ڪيترن ئي خدمتن کي قدر سان ڏٺو ويندو آھي ۽ پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي آزادي راءِ جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ناصر شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب اقليتي برادري جي حقن جو خاص خيال رکيو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتي برادري جي خاص نمائندگي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن جي مطابق آهي. هن چيو ته مسيحي برادري هر شعبي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي.










