فيصل آباد: (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ مڙس سان جهيڙي ٿيڻ تي ناراض گهر واري ڪاوڙ ۾ اچي چوپائي مال کي زهر ڏئي ڇڏيو، زهر کائڻ سبب لکين روپين جي ماليت جون 3 مينهون ۽ هڪ قيمتي ڳئون مري ويون.پوليس موجب مامون ڪانجن جي ڏوراهين ڳوٺ جي رهواسي ظفر اقبال جي چوپائي مال کي زهر ڏئي مارڻ جو انوکو واقعو سامهون آيو آهي.پوليس موجب ظفر اقبال الزام لڳايو ته انهي جي گهر واراض ناراض ٿيڻ تي چوپائي مال کي زهر ڏئي ڇڏيو جنهن سبب 3 مينهون ۽ هڪ ڳئون مري ويون آهن جنهن جي ماليت 12 لک روپين کان وڌيڪ هئي.پوليس کي بيان ڏيندي متاثر مڙس چيو ته زال ضد ڪري رهي هئي ته چوپايو مال وڪرو ڪري پنهنجي پهرين شادي مان ٿيل ٻارن جي مدد ڪريان، پئسن جي تڪرار تي جهيڙو وڌيو جنهن کان پوءِ زال انتهائي قدم کنيو. مڙس چيو ته واقعي کان پوءِ عورت گهر ڇڏي نامعلوم هنڌ روانو ٿي وئي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










