ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نادرا جو هڪ ٻيو ميگا سينٽر کوليو پيو وڃي جنهن کان پو3 سڃاڻپ ڪاغذ حاصل ڪرڻ لاءِ شهرين جون ڏکيائيون گهٽجي وينديون تفصيل موجب نادرا جو نئون ميگا سينٽر کولڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ڊائريڪٽر جنرل نادرا جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 6 سالن کان پوءِ ٺهندڙ ميگا سينٽر ايندڙ ٻن کان اڍائي مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو ڊي جي جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي روڊ تي تيار ٿيل ميگا سينٽر لاءِ جڳهه 5 مهينا اڳ ورتي وئي هئي 4 ڀيرا جاري ٽينڊر ۾ ڪنهن دلچسپي نه ورتي هئي چوٿين ٽينڊر ۾ ڪوٽيشنز اچي وئي آهي ان چيو ته سيپٽمبر ۾ شهر ۾ 6 سالن کان پو3 ميگا سينتر کوليو ويندو ڊي جي جو چوڻ هو ته حيدرآباد جي شهرين لاءِ به ميگا سينٽر جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي جولاءِ مهيني ۾ حيدرآباد لطيف آباد ۾ ميگا سينٽر کوليو ويندو هن چيو ته سنڌ ۾ ٻه نادرا سينٽر ۾ پاسپورٽ لاءِ ڪائونٽر کوليا پيا وڃن ڪراچي، ملير ۽ عمرڪوٽ ۾ نادرا سينٽرز ۾ پاسپورٽ ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن، اکين جي ذريعي سڃاڻپ جو نظام هاڻي ڊي ايڇ اي ميگا نادرا آفيس ۾ لڳايو ويو آهي










