اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي منحرف ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نااهلي ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن پي ٽي آءِ جي 20 منحرف قومي اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نور عالم خان جي وڪيل چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وڪيل ڪميشن کان وقت گهريو آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ منحرف ميمبرن طرفان به جواب جمع ڪرايا ويا آهن ۽ جن ميمبرن پنهنجا جواب جمع ڪرايا انهن ۾ فرخ الطاف، عاصم نذير، افضل خان ڍنڊلا، نواب شير وصير، راجا رياض، مخدوم سميع الحسن گيلاني، مبين احمد، باسط سلطان، عامر گوپانگ شامل آهن. اجمل فاروق کوسا، رياض مزاري، جويريه ظفر، وجيهه قمر، نزهت پٺاڻ، احمد حسين ڏهر، رانا قاسم نون، غفار وٽو ۽ رميش ڪمار اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجا جواب جمع ڪرايا. پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر عامر لياقت جي وڪيل ڪميشن کي ٻڌايو ته سندس موکل جواب تي دستخط ڪرڻ لاءِ نه پهچي سگهيا، اڄ ئي دستخط ڪرائي جواب جمع ڪرائيندا. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي لڳي رهيو آهي ته منحرف ميمبرن جا وڪيل وقت گهرندا. بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڌرين کي سڀاڻي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اڱاري تائين پنهنجا دليل مڪمل ڪن ته جيئن فيصلي جو وقت اچي.بلوچستان اليڪشن ڪميشن جي ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي 14 مئي تائين فيصلو ڪرڻو آهي.اليڪشن ڪميشن ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










