نائلا رند بعد نمرتا جو پراسرار موت، عبدالوحيد ابڙو

يونيورسٽي هڪ اهڙي ننڍڙي ڪائنات جو نالو آھي.جتان خلق ڪائنات ڏانهن ڪاميابي جون سوين راهون هموار ٿينديون آھن.اهڙي ڪاميابي جي آس ۽ اميد کڻي ڪيئي جوان زندگيون هتي اچي ۽ ڪجه حاصل ڪرڻ گهرنديون آھن.اهڙي خواب جي ساڀيان لاء جتي جوان اکڙيون آتيون هونديون آھن،اتي ٻڍڙا هٿ به دعائن لاء کڄندي جهور اکيون در ۾ وجهي ويهندا آھن ته خوابن جي ننڍڙي ڪائنات مان ڪاميابيء جي راه وٺي جوان زندگيون ڪڏھن واپس ٿينديون جيئن ڪاميابيء جو گيت ڳائي سگهجي پوء اها جواني شاگرد جي هجي يا شاگردياڻي جي منظرن ۾ هڪجهڙائي هوندي آھي.ڪجھ ڏينھن اڳ لاڙڪاڻو يونيورسٽيءَ جي گرلز هاسٽل جي ڪمري  مان شاگردياڻي نمرتا جو لاش ھٿ آيو. ڇا نمرتا جو موت  صرف هڪ زندگيء جو ڦاهو آھي پر انهن سمورن خوابن،خيالن،تصورن ۽ اميدن کي مليل ڦاهو آھي جيڪي اکڙيون ڪيترن سالن کان سجائي اوسيئڙي ۾ ويٺل هيون ۽ پڻ انهن جهور هٿن کي به جيڪي ڪيترن سالن کان ڌڻيء جي درٻار ۾ دعاگا هئا. تن کي هاڻي نه ڪاميابيء جو رقص نصيب ٿيو ۽ نه وري خوشيءَ جو ٻک.جيتوڻيڪ شاگردياڻي نمرتا  جو لاش خود ڪشيء جو ڏيک ڏيندڙ  ٻڌايو پيو وڃي  پر سنڌ جو ساڃاه وند ۽ وارث اهو تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهن ته پوزيشن هولڊر سلچڻي ڇوڪري ايئن پنهنجي زندگيء جو ڏيئو هٿ سان اجهائيندي. ڀلي  نمرتا جو واقعو خودڪشي ۽ ڪنهن جي به نه ٻڌندڙ ديوان جوانيء جو نتيجو ڇو نه هجي مگر هن واقعي جي جاچ انڪري به ضروري آھي ته سڄي سنڌ هن واقعي جو تعلق صرف نمرتا سان نٿي سمجهي پر هاڻي سوال سنڌ جي سوين انهن خاندانن جي پريشاني جو به آھي جن جي اولاد پڻ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙھي ٿو.اهي پريشان آھن ته ڪٿي اهڙو المناڪ واقعو سندن اولاد اڳيان نه اچي.صرف ايترو نه پر نمرتا واقعي جي جاچ انڪري به ضروري آھي ته جيئن مستقبل ۾ ڪوبه ماڻھو پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ کان اهو سوچي نه روڪجي ته ڪٿي سندس نياڻي جو حال نائلا رند يا نمرتا وارو ته نه ٿيندو.انهن سمورن سوالن ۽ خدشن کي مدنظر رکي نه صرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نمرتا واقعي جي جاچ ڪرڻ گهرجي.پر لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي پڻ پوري ايمانداري ۽ ذميواري سان نمرتا واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. شاگردياڻي نمرتا جي خون جون حقيقتون عوام سامھون آڻّڻّ گھرجن ۽ ان ڏوھ ۾ جيڪو بـه شامل ھجي ان کي منظرعام تي آڻي قانون موجب سزا ڏياري وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو