نئين سال جي شروعات، ونڊوز فون مان واٽس ايپ بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2019 جي اختتام سان گڏ فيس بڪ جي ملڪيت ميسيجنگ اپيليڪيشن واٽس اپ ونڊوز فونن جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي انهن موبائلن ۾ واٽس اپ نه هلي سگهندو. سال 2020 جي شروعات ٿيندي ئي ونڊوز تي هلندڙ سڀئي فون واٽس اپ کان بغير هلڻ لڳا. واٽس اپ انتظاميه پهرين ئي ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته سال 2019 جي ختم ٿيندي ئي ونڊوز موبائلن لاءِ واٽس اپ جي سپورٽ ختم ڪئي ويندي.نئين سال جي شروعات سان ونڊوز فون واٽس اپ جي سپورٽ کان محروم ٿيندڙ ممڪن آهي ته ڪجهه فونن تي هاڻي به واٽس اپ هلندو هجي پر انهن کي جلد بند ڪيو ويندو. جنهن ماڻهن وٽ ونڊوز موبائل هيا انهن کي هاڻي ونڊوز فون جي جڳهه تي اينڊرائيڊ 3.0.4 يا ان کان علاوهه آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ آءِ فون آءِ او ايس 9 يا ڪائي او ايس 2.5.1 وغيرهه تي ڪم ڪندڙ فون وٺڻا پوندا. واٽس اپ مطابق ونڊوز فون ۾ هاڻي اها اهليت نه رهي هئي جو مستقبل ۾ متعارف ٿيندڙ فيچرز لاءِ ضروري نه هئا. واٽس اپ سپورٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏيڍ ارب مان مشڪل سان ڪجهه ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيندا ڇاڪاڻ ته کوڙ سارن ماڻهن هاڻي اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري رهيا آهن. مائيڪرو سافٽ جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالوجي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان پنهنجي صارفين کي درخواست ٿا ڪيون ته هو اينڊرائيڊ يا آءِ او ايس ڊوائيسز جو استعمال شروع ڪري ڏين. ونڊوز فون کان پهرين واٽس ايپ بليڪ بيري آپريٽنگ سسٽم، بليڪ بيري 10، نوڪيا ايس 40، نوڪيا سامبا ايس 60، اينڊرائيڊ 2.1، اينڊرائيڊ 2.2، ونڊوز فون 7، آءِ فون ٿري جي آءِ او ايس سڪس لاءِ سپورٽ ختم ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو