اعجاز ممنائي
سال2024ع جو سج سوين سور صدما ڏيئي نيٺ لهي ويو، جنهن کانپوءِ نئين سال 2025ع جي شروعات ٿي وئي ۽ پوري دنيا ۾ هڪ نئون سج نڪتو جنهن کي سڌريل دنيا وڏي دل سان ڀليڪار ڪيو پر اسانجي ملڪ رات ٻارهين وڳي فائرنگ ڪري گوليون کپائي دانهون ڪري وڃي سڪون جي ننڊ ستا اها رسم هڪ وڏي عرصي کان پئي هلي۔ دنيا ۾ سڀ کان پهرين سج ڏاکڻي اڌ گول جي ملڪن ۾ لهندو آهي، جن ۾ ٽونگا، فجي، سمائو، نيوزيلينڊ، آسٽريليا جهڙا ملڪ ۽ ٻيٽ موجود هوندا آهن، تنهن ڪري نئين سال جو جشن به سڀ کان پهرين انهن ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي.جنهن کانپوءِ جاپان، ڪوريا، انڊونيشيا پوءِ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ، روس، يورپي ملڪ ۽ آخر ۾ آمريڪا ۾ نئين سال جو جشن ملهايو ويندو آهي. رات جا ٻارهن ٿيندي ئي نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ نئين سال جو جشن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو. نئين سال جو استقبال آڪلينڊ ۾ مشهور اسڪائي ٽاور تي آتشبازي جي ذريعي ڪيو ويو.نيوزيلينڊ کانپوءِ آسٽريليا ۾ گهڙيال جيئن 12 وڳا ته آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ روايتي طريقي سان آتشبازي جي ذريعي نئين سال کي خوش آمديد ڪيو ويو. سڊني جي مشهور گهمڻ جي جڳهه هاربر برج تي آتشبازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان هزارين ماڻهو سڊني جو رخ ڪندا آهن.اتر ڪوريا جي شهر پيانگ يانگ ۾ نئين سال جون زبردست تياريون ڪيون ويون، جڏهن ته پيانگ يانگ جي وچ مان گذرندڙ درياهه تائي دونگ تي آتشبازي جو مظاهرو ڪر نئين سال کي خوش آمديد ڪيو ويو.اهڙي طرح يورپ جي شهرن ايٿنز، پيرس، ماسڪو، لنڊن ۽ برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۽ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ به نئين سال جون تياريون عروج تي آهن.ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ به نئين سال کي خوش آمديد چوڻ لاءِ تياريون جاري آهن. هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ، دبئي ۽ استنبول ۾ به نئين سال جي استقبال جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا۔ هن سال 2025ع تي واٽس ايپ نئين سال جي آجيان لاءِ خاص اسٽيڪرز، ويڊيو ڪالنگ ايفيڪٽس ۽ ري ايڪشنز متعارف ڪرايا آهن، اهي فيچرز محدود مدت لاءِ واهپيدارن کي دستياب هوندا 20 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين واهپيدارن کي خاص اسٽيڪرز، ويڊيو ايفڪٽس ۽ ري ايڪشنز تائين پهچ حاصل هوندي. فيچرز مقصد نئين سال کي ڀليڪار چوڻ دوران چيٽس ۽ ويڊيو ڪالز کي بهتر بڻائڻ آهي انهن مان هڪ فيچر نيوائير ڪالنگ ايفڪٽس جو آهي، جنهن جي ذريعي صارفين ويڊيو ڪالز دوران پنهنجي بيڪ گرائونڊ، فلٽرز ۽ ايفڪٽس کي نئين سال جي ٿيم موجب استعمال ڪري سگھندا. اهڙي طرح، واٽس ايپ جي ايموجي ري ايڪشنز ۾ به دلچسپ تبديليون ٿي رهيون آهن. واهپيدارن جڏهن پيغامن تي مختلف پارٽي ايموجيز ري ايڪشنز استعمال ڪندا ته هڪ ڪنفٽي اينيميشن ٻنهي پاسي نظر ايندي.واٽس ايپ طرفان هڪ نيو ايئر اسٽيڪر پيڪ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته نئين سال جي مناسبت سان اواتار اسٽيڪرز پڻ دستياب هوندا. نون فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ، اوهان کي پنهنجو واٽس ايپ اپڊيٽ ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ئي انهن تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.سوشل ميڊيا تي اسان جي ڪنهن دوست پڇيو ته پاڪستان جا ماڻهو نئين سال لاء ڪهڙي حڪمت عملي ٺاهي آهي ان کي مختلف دوستن مختلف خيالات پيش ڪيا هڪ سنجيده دوست لکيو ته اسان پاڪستان جا ماڻهو جيڪا به حڪمت ٺاهيندا آهيون اها ناڪام ٿي ويندي آهي ڇوته غلام ابن غلام آهيون اسان پنهنجي ملڪ ۾ رهندي پاڻ کي ڌاريو پيا محسوس ڪريون اسان ي وسيلن تي قابض ڪي ٻيا آهن اسان ائٽمي طاقت هوندي محتاج آهيون اسان جي بجيٽ ڌاريا ملڪ ۽ ادارا پيا ٺاهن اسانجون حڪومتون ڪي ٻيا ملڪ پيا ڊان ۽ ٺاهن۔ اسان آزاد ملڪ ته حاصل ڪيو ۽ هندن جي غلاميء مان آزاد ٿي پوري دنيا جا غلام بڻجي وياسين۔ نئين سال جي آجيان ڪيون ته ڪيئن ڪيون۔ ملڪ جون واڳون جڏهن پنهنجي هٿن ۾ اينديون ته اسان آزاد ٿي نئين ڏينهن نئين مهيني ۽ نئين سال لاء نئين حڪمت عملي ٺاهي نئين سال جي ڀرپور آجيان ڪنداسين تيستائين پراڻي سال ۽ پراڻي صديء ٿي گذر ڪنداسين۔ بهتر اهو آهي ته نئين ڏينهن ۽ نئين سال مان چڱائيء جي اميد رکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪجي۔ انڪري پوري قوم کي نئون سال مبارڪ هجي۔










