اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت نئين سال جي شروعات تي عوام مٿان بجلي قيمتن م اضافي کان پوءِ پيٽرول قيمتن ۾ اصافي جو تحفو. پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 31 پئسا في ليٽر اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 106 رپيا ٿي وئي. ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 80 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 110 رپيا 24 پئسا ٿي وئي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 36 پئسا اضافي سان نئين قيمت 73 رپيا 65 پئسا، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 95 پئسا وڌائي 71 رپيا 81 پئسا ڪيا ويا آهن. نئين قيمتن جو نفاذ اڄ کان لاڳو هوندو.










