مچ سانحو، ڳالهيون ڪامياب ڌرڻا ختم، ميتن جي تدفين

مچ سانحو، ڳالهيون ڪامياب ڌرڻا ختم، ميتن جي تدفين

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) شهدا ڪميٽي ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڪوئٽا ۾ جاري 6 ڏينهن وارو ڌرڻو ختم ڪري ميتن جي تدفين جو اعلان ڪيو ويو آهي. امڪان آهي ته وزيراعظم، آرمي چيف ۽ وزير داخلا اڄ ڪوئٽا پهچي هزاره برادري جي نمائندن سان ملاقات ڪندا. گذريل رات بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياڻي، وفاقي وزيرن علي زيدي، ذلفي بخاري ۽ قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري هزاره برادري جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون، مچ سانحي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ سيڪورٽي ۾ ناڪامي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ ۽ آئندو مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون. ياد رهي ته ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڌرڻن کي ختم  ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ 11 کاڻ جي مزدورن جي قتل کانپوءِ ڪوئيٽا جي هزاره برادري گذريل 6 ڏينهن کان ميتون رکي احتجاجي ڌرڻا ڏئي رهيا هئا ، جڏهن ته انهن سان اظهار يڪجهتي  لاءِ ڪراچي ، لاهور ، اسلام آباد ، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي ڌرڻا ڏنا ويا.ڪراچي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻا جاري هئاجيڪي شهر ۾ 30 کان وڌيڪ هنڌن تي ڦهلجي ويا هئا ، جڏهن ته ڪوئيٽاحڪومت ۽ ڌرڻا شرڪاء وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ احتجاج ڪندڙن کي شهداءَ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪيا وڃن. مجلس وحدت المسلمين شهر جي سڀني هنڌن تي جاريڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ نمائش چورنگي تي مرڪزي ڌرڻي جي شرکا پرامن طور واپس وڃڻ  شروع ٿي ويا جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن ۾ به احتجاجي ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف لاهور ، اسلام آباد ، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو