اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميڊيا جي آزادي بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آابد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اعليٰ عدالتون حڪومت کي پاڙيسري ملڪ جيان ميڊيا تي پابنديون هڻڻ جي اجازت نه ڏينديون. عدالت پي ٽي اي کي سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ بابت قاعدا ۽ ضابطا عدالت م جمع ڪرائن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته تعميري تنقيد قوم جي ترقي لاءِ ضروري آهي. سينئر صحافي حامد مير عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت سوشل ميڊيا تي پابنديون مڙهڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن جو اڪثر وفاقي وزيرن کي به خبر ناهي ۽ نه ئي ڪابينا مان ان جي منظوري ورتي وئي آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي يعني پي ٽي اي ۽ پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي يعني پيمرا جي نمائندن عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت انهن تي نظر ثاني جي هدايت ڪئي آهي ۽ وزيراعظم جي حڪم تي ان باري ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ نوٽيفڪيشن جي باوجود اهي لاڳو ناهن ڪيا ويا. عدالت انهن جي ڪاپي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










