سين فرانسسڪو(ويب ڊيسڪ)ڪانگريس جي ميمبرن ميٽا جي سربراهه مارڪ زڪربرگ کي خط لکي سوشل ميڊيا جي جڏي پليٽ فارم تي آفيم ۽ ٻين غير قانوني منشيات جي اشتهارن بابت تفصيل طلب ڪيا آهن. 19 قانون سازن پاران دستخط ٿيل هڪ خط خميس تي کيس موڪليو ويو آهي. ٽيڪنالاجي، جي شفافيت واري پروجيڪٽ ۽ وال اسٽريٽ جرنل پاران پريشان ڪندڙ رپورٽون شايع ٿيڻ بعد اهو خط لکي تفصيل گهريا آهن. “ظاهر ٿئي ٿو ته ميٽا پنهنجي سماجي ذميواري کي نڀائڻ ۽ پنهنجي ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي هدايتن جي پاڻ ئي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي،” خط ۾ چيو ويو آهي ته “هي ڪو ڊارڪ ويب يا نجي سوشل ميڊيا صفحن تي صارف جو شيئر ڪيل مواد ناهي پر اهي ميٽا طرفان منظور ٿيل ۽ مونيٽائيز ڪيل اشتهار هئا.” ٽيڪ ٽرانسپيرنسي پروجيڪٽ مارچ ۾ ٻڌايو هو ته انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي 450 کان وڌيڪ قابل اعتراض اشتهار مليا هئا، جيڪي غير قانوني دوائن جي وڪري بابت هئا. غير منافع بخش تحقيقي گروپ جي مطابق، ڪيترن ئي اشتهارن ڪوڪين ۽ ٻين نشي وارين دوائن جي وڪري لاءِ آرڊر بڪ ڪرڻ جا اشتهار هئا.










