ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن مزدورن جي يونين جي چونڊ،سرگرميون تيز

ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن مزدورن جي يونين جي چونڊ،سرگرميون تيز

ٽنڊو محمد خان )ن س)ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن مزدورن جي يونين جي چونڊ ، 2 الڳ الڳ پئنل هڪٻئي جي آمهون سامهون مقابلي لاءِ اچي ويا ، ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي ۾ ملازمن ۽ مزدورن جي الڳ الڳ ٻن يونين ميونسپل ايمپلائيز يونين ۽ ميونسپل مزدور يونين جي طرفان اميدوار 17 نومبر بروز خميس واري ڏينهن ٿيندڙ چونڊ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ، جنهن ۾ ميونسپل ايمپلائيز يونين جي طرفان نامزد ڪيل صدر پير بخش خاصخيلي ، جنرل سيڪريٽري سڪندر ڀٽي ۽ ٻين اليڪشن جي ورڪ دوران ملازمن جي منعقد ڪيل ميڙاڪن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اسان هميشه ملازمن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ، ماضي جيان هن دفعي به اسين چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سوڀارا ٿينداسين ۽ اسان جا مخالف اڳ جيان هن دفعي به شڪست کائي هارائي ويندا ، جڏهن ته ميونسپل مزدور يونين جي نامزد ڪيل صدر عبدالوحيد ڀٽي ، جنرل سيڪريٽري امتياز خاصخيلي ۽ ٻين اليڪشن ورڪ جي ميڙاڪن ۾ مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي جي اليڪشن ۾ افسر شاهي ۽ سياسي مداخلت سان ڪاميابي حاصل ڪندڙ هاڻي مزدورن جي حقن سان ٻيهر سوديبازي ڪري نٿا سگهن ، هنن هميشه مزدورن ۽ ملازمن جي حقن جي پائمالي ڪئي آهي ، مزدورن ۽ ملازمن کي پنهنجا جائز حق وٺي ڏيڻ بجاءِ پاڻ افسر شاهي سان ملي ڀڳت ڪري حق غضب ڪرايا آهن جنهن جي ڪري ميونسپل ڪميٽي جا مزدور ۽ ملازم اڃان به بنيادي سهوليتن کان محروم آهن کين پنهنجا حق نه ملي رهيا آهن ، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سندن 17 نومبر واري چونڊ ۾ احتساب ڪرائي کين شڪست ڏيئي مزدورن جا حق وٺي سوڀ حاصل ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو