نوابشاھه(اي ڪي ڏاھري) سالياني ايڇ ايم خواجا گلن جي نمائش، سائنسي، ثقافتي ۽ ڪتابي ميلي جو ٻيو ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص هجڻ ڪري نوابشاھه سميت ضلعي جي مختلف شهرن جي عورتن اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ گلن جي نمائش ۾ پهچي مختلف قسم جي گلن سان گڏ ثقافتي ڳوٺ ۽ ثقافتي شين سان گڏ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن پاران لڳايل سائنسي ثقافتي اسٽالن ۽ ڪتابي ميلي سميت پاڪ نيوي ائيرفورس جي معلوماتي اسٽالن ۾ دلچسپي ورتي. ميرخان زرداري، عبدالله ڏاهري، ذوالفقار علي خاصخيلي، زبيراحمد ملاح، عظميٰ ڪمبوهه، سليم ڀٽي، شهناز لاکو، جاويد ملاح، جاويد احمد انڙ، حميرا مير، عمرحيات سوني، شاهد سومرو سميت مختلف ادارن جي نمائندن ۽ آفيسرن کي اعزازي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون . گلن جي نمائش ۾ آيل عورتن جي تفريح لاءِ ضلع انتظاميه پاران شاندار آتشبازي سان گڏ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن پاران سنڌ جي مشهور ڪردارن عمر ماروي، راءِ ڏياچ سميت مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ويا جڏهن ته سنڌ جي مشهور فنڪارا فرزانه بهار صوفي ڪلام ٻڌائي پروگرام جي رونق وڌائي ڇڏي ۽ سنڌ جي مشهور مزاحيه فنڪار اصغر کوسو مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائي عورتن ۽ ٻارڙن جي چهرن تي مرڪون وکيريون. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون، ايڊيشنل ڊائريڪٽر تعليم راضي خان جمالي، چئيرمين ميونسپل ڪميٽي محمد عظيم مغل، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاھه طارق علي سولنگي ، چيف مانيٽرنگ آفيسر، مير خان زرداري ، سھيل احمد ڀنڀرو ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.










