ميلبورن گرائونڊ ۾ وڌ کان وڌ تماشين جو رڪارڊ ٽٽڻ جو امڪان

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 1 ڏينهن اندر ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ تماشائن جي اچڻ جو امڪان آهي. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ 2013-14 ايشيز سيريز دوران هڪ ئي ڏينهن ۾ 91 هزار 112 تماشائي هڪ ٽيسٽ ميچ ڏسڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو ويو هو پر هاڻي اهو رڪارڊ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ٽوڙڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ چوٿين ٽيسٽ 9 مارچ کان احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي، هي اسٽيڊيم ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ميدان آهي.احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ 132,000 تماشائن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، پر چيو پيو وڃي ته احمد آباد ٽيسٽ ميچ ڏسڻ لاءِ 100,000 کان وڌيڪ ماڻهن جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريلوي مداح وڏي انگ ۾ احمد آباد پهچي رهيا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي تجزيه نگار اڳڪٿي ڪئي آهي ته ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو رڪارڊ ڪيترن ئي هزارن کان ٽٽي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو