دبئي (ويب ڊيسڪ)ارجنٽائن فٽبال اسٽار ليونل ميسي جي ابيزا ۾ 10 ملين پائونڊ (3.76 بلين رپين کان وڌيڪ) واري حويلي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي ۽ جلد ئي ان کي ڊاهڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ميسي 2022 ۾ سوئس ڪاروباري شخص فلپ امون کان هي 16,000 چورس ميٽر جي ملڪيت خريد ڪئي هئي، جيڪو هاڻي قانوني تڪرار کي منهن ڏئي رهيو آهي.گذريل سال جي شروعات ۾، هن ملڪيت تي تڪرار پيدا ٿيو جڏهن ان کي موسمياتي ڪارڪن گروپ فيوچرو ويجيٽل پاران ٽوڙيو ويو.ليونل ميسي جي حويلي اسپين جي ابيزا جي اولهه ساحل تي واقع آهي، ۽ هن وٽ مناسب اجازت نامو يا قبضي جو سرٽيفڪيٽ ناهي، جنهن ڪري ميسي ان کي وڪرو يا ڪرائي تي نٿو ڏئي سگهي.جيڪڏهن قانوني مسئلا حل نه ٿيا ته ميسي جي حويلي جو ڪجهه حصو ڊاهڻو پئجي سگهي ٿو.










