ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): نوجوان تاجر مير رضا عليءَ جي قتل ڪيس جي تفشيش ڪندڙ اڳوڻي ٽيم کي هٽائي نئين تحقيقاتي ٽيم جوڙي وئي آهي. پوليس عملدارن موجب ايس ايس پي ايسٽ زبير نظير شيخ، ايس ايس پي ايس آءِ يو سيمع الله سومرو ۽ ٻين کي ڪيس جي تفشيش تان هٽايو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته مير رضا ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ 4 رکني نئين ٽيم بڻائي وئي آهي، جنهن جو سربراهه ڊي آءِ جي ڪلائم برانچ عامر فاروقي هوندو. نئين جوڙيل ٽيم ۾ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر، ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيس خان ۽ ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم کي شامل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ موجب ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ اڳوڻي ٽيم کي هٽايو ويو هو، جڏهن ته مير رضا عليءَ جي والدين پڻ پراڻي تحقيقاتي ٽيم تي عدم اعتماديءَ جو اظهار ڪيو هو. هن خاطري ڪرائي ته ڪيس جي مڪمل شفاف ۽ غير جانبدارانه انڪوائري ڪئي ويندي.










