مير رضا ڪيس ثابت ڪري ٿو ته سڄو سسٽم ڪمپرومائزڊ هو

مير رضا ڪيس ثابت ڪري ٿو ته سڄو سسٽم ڪمپرومائزڊ هو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): دفاعي وزير خواجه آصف تاجر مير رضا علي ڪيس ۾ سندھ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جاچ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته سڄو پوليس ۽ حڪومتي سسٽم مڪمل طور ڪمپروماءِزڊ هو. خواجه آصف لکيو ته حقائق جيئن سامھون اچي رهيا آهن ان مان واضح آهي ته شروعات ۾ معاملو دٻائڻ ۽ مڪ مڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن زور ڏنو ته هاڻي به ڪيس جي مڪمل نگراني ڪرڻي پوندي، نه ته اڳ وانگر معاملو ٻيهر نپٽايو ويندو. خواجه آصف مطالبو ڪيو ته حقائق لڪائيندڙ ۽ غفلت ڪندڙ عملدارن کي به سخت سزا ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو