ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نوجوان تاجر جي پراسرار حالتن ۾ ٿيل موت بعد عدالتي حڪم موجب قبرڪشائي ڪري، پوسٽمارٽم لاءِ گهربل جزا ورتا ويا.
ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا کي گولي پٺيان کان لڳي هئي، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ مليا آهن. پوليس سرجن پاران اٿاريل سمورن 14 سوالن جا جواب ملي ويا آهن.
ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا علي جون پاسراٽيون ٽٽل هيون، جڏهن ته سندس مٿي ۽ چهري تي زخمن جا ڪيترائي نشان پڻ مليا آهن.
جاچ ذريعن موجب قبر ڪشائي دوران مجموعي طور 17 نمونا حاصل ڪيا ويا. انهن مان 4 نمونا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ، جڏهن ته ٻيا نمونا ڪيميائي تجزيي لاءِ حاصل ڪيا ويا. مير رضا علي جي والدين کان ٻه ريفرنس نمونا پڻ حاصل ڪيا ويا آهن، جن سان ڊي اين اي جو مقابلو ڪيو ويندو.
ڪيميائي تجزيي ۽ ڊي اين اي رپورٽن جا نتيجا 3 کان 4 ڏينهن اندر اچڻ جي اميد آهي.
جاچ ذريعن موجب قبر ڪشائي دوران حاصل ڪيل سمورن نمونن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سومر ڏينهن سمورا نمونا ڪراچي يونيورسٽي جي فارنزڪ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويندا.
قبر ڪشائي جي ڪارروائي اڄ ماهرن جي نگراني ۾ تقريباً 3 ڪلاڪن تائين جاري رهي. مير رضا جي قبر ڪشائي دوران ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر، مير رضا جا وارث ۽ وڪيل جبران ناصر پڻ سوسائٽي قبرستان ۾ موجود رهيا. پوليس سرجن، سربراهه شناخت پروجيڪٽ ۽ مجسٽريٽ به قبرستان ۾ موجود هئا، جڏهن ته ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
ميڊيڪل بورڊ جي هڪ ميمبر ٻڌايو ته مير رضا جي پوسٽ مارٽم جي سموري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. مير رضا جي لاش مان مختلف نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪيميائي تجزيي لاءِ موڪليا ويندا، جڏهن ته هاڻي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي پئي وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي مير رضا جي والد مير حسين جو چوڻ هو ته هو قبر ڪشائي جي ڪارروائي مان مطمئن آهن. دعا آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ جيڪو ڪجهه اڳ ٿيو، اهو هاڻي ٻيهر نه ٿئي. جيڪا به رپورٽ ايندي، ان کي تسليم ڪنداسين.
هن جو چوڻ هو ته سندس پٽ جي حوالي سان هڪ آڊيو گردش ڪري رهي آهي، جيڪا سندس پٽ جي ناهي. ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته مير رضا جي وارثن 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ حڪومت ٻيهر پراڻو ميڊيڪل بورڊ بحال ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي پاسي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ هن ڪيس جي حوالي سان پنهنجي بي وس هجڻ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته 4 سالن جي هن عهدي واري دور ۾ هن تي ڪافي ڀيرا دباءُ آيو پر هاڻي هوءَ حد کان وڌيڪ ٿڪجي پئي آهي. هن اڳ ۾ ايس ايس پي ڪراچي اولهه کي خط لکي اڳ ۾ ڪيل پوسٽمارٽم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي هئي.










