ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ميرپورخاص ۾ نئين ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 1381 ايڪڙ زمين ريلوي کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو منتقل ڪرڻ لاءِ اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽرز ريلوي لائين وڇائي ويندي ريلوي لائين وڇائڻ سان ملڪ ۾ توانائي ۽ ٻين منصوبن لاءِ ٿر جو ڪوئلو ٽرانسپورٽ ٿي سگهندو، 1381 ايڪڙ 34 گُهنٽا زمين ريلوي لائين لاءِ ڏني ويندي سنڌ ڪابينا حب ڪينال جي بحالي ۽ نئين ڪينال جي اڏاوت لاءِ پوڻا 12 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي حب ڪينال منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون وڏي وزير چيو ته حب ڪينال منصوبو 12 مهينن ۾ مڪمل ٿئي ته فنڊز جاري ڪري ڇڏيو، وڏي وزير 12 ڏهائي 72 ارب روپين جي گرانٽ واٽر بورڊ کي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڏي وزير چيو ته گرمين جي موڪلن بعد اڄ اسڪول کلي ويا آهن، مان چاهيان ٿو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل تدريسي عمل وڌيڪ بهتر ٿيڻ گهرجي، تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته تعليمي سرگرمين جي مان پاڻ نگراني ڪندس










