ميرپورخاص (ن س)ميرپورخاص جي علائقي نور شاه ڪالوني ۾ ايدهي سينٽر جي ويجهو هڪ بند پيل گهر مان هڪ شخص جي لاش مليو علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو۔واقعي بابت اطلاع ملندي ئي علائقي واسي وڏي انگ ۾ گهر جي اڳيان گڏ ٿي ويا ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڏنو۔ گهر مان شديد بدبوءِ اچي رهي هئي جنهن سبب شڪ پيدا ٿيو ۽ ماڻهن فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو۔پوليس ٽيم موقع تي پهچي گهر کي سيل ڪري لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ورتو۔ پوليس مطابق لاش جي سڃاڻپ، موت جو سبب ۽ ٻين حقيقتن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد موت جي اصل سببن جو پتو پئجي سگهندو۔










