ميرالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان  )سنڌ جي ناليواري راڳي شمن ميرالي جي ڀاڻج جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۽ خيرپور ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. بابر ميرالي کي پشٽو پٺاڻن سپر هاءِ وي تي جمالي پل وٽ هفتو اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو هو. سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد به جوابدار گرفتار ناهن ٿيا. قاتلن جي گرفتاري لاء سياسي سماجي، قومپرست، اديبن، شاعرن، فنڪارن۔سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو،  نيشنل ڊيموڪريٽڪ جي صدر ممتاز بروھي، سنڌ جي ناليواري فنڪار شمن علي ميرالي، رحمت علي ميرالي، سڌير ميرالي، مقتول جي والد گل محمد، عامر ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي شمن علي ميرالي چيو ته اسين فنڪار امن جا سفير آھيون، ثقافت کاتي سميت چونڊيل نمائندن جي ھر خوشين ۾ شامل ٿيا آھيون پر افسوس سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي جو وزير منھنجي بيگناھ قتل ٿيل ڀاڻيجي بابر ميرالي جي تعزيت لاء به اسان وٽ لڙي ناھن آيا۔ اسان جي گھر ۾ ماتم آھي ھن مھل تائين قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ناھي ڪيو، ھڪ جانور کي گوليون لڳن ٿيون ان واقعي ۾ ملوث ماڻھن کي فوري طور گرفتار ڪيو ٿو وڃي، پر ھڪ نوجوان کي گاڏي مان لاھي کيس بيگناھ قتل ڪيو ويو پر ان جا جوابدار ھن مھل تائين آزاد پيا گھمن اسين سنڌ حڪومت کي ٽن ڏيھن جو الٽيميٽم ٿا ڏيون ته اگر بابر ميرالي جاقاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته اسين ايندڙ آچر تي ڪراچي پريس ڪلب تي پر امن احتجاج ڪنداسين، مھر ڊٻائي چيو ته شمن ميرالي سنڌ جي موسيقي ۾ ھڪ نالو آھي، جنھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايو آھي، افسوس جو ان سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ثقافت کاتي جو وزير، اسيمبلين ۾ ويٺل حڪمرانن جي ڪنن ته جونءَ به ناھي چري ته ھو شمن ميرالي سان تعزيت لاء لڙي اچن ۽ ھن سان ڏک ۾ شريڪ ٿين، اسين شمن ميرالي پاران اعلانيل احتجاج جي حمايت ٿا ڪيون ۽ اسين بابر ميرالي جي وارثن سان گڏ آھيون، جيسين تائين قاتل گرفتار نٿا ڪيا وڃن، مظاھرين سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، سنڌ حڪومت، وزيراعلي سنڌ، آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بابر ميرالي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فلفور گرفتار ڪيو وڃين، ٻي صورت ۾ پھرين تاريخ آچر ڏيھن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پر امن احتجاج ڪندا. ****خيرپور ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ آرٽس ڪائونسل پاران احتجاج ڪيو ويو. اديب شاعر ، قلم ڪار، چتر ڪار، سگهڙ، فنڪار، اداڪار روڊ تي نڪري آيا بابر علي ميرالي جي قتل سان انصاف ڪيو ۽ قاتل گرفتار ڪيو وارثن سان انصاف ڪيو ۽ ٻيا نعرا هنيا، مظاهري جي اڳواڻي آرٽس ڪائونسل خيرپور جي جنرل سيڪريٽري سيد اڪبر علي شاهه ، شاهنواز عباسي، فقير ڦليو، لطيف چانڊيو، تاج سروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، ان موقعي تي سيد اڪبر علي شاهه ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن ڪراچي جي ال آصف واري علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پٺاڻ دهشتگردن سنڌ جي نالي واري راڳي شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي نوجوان بابر علي ميرالي کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو هو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪراچي پوليس قتل ۾ ملوث پٺاڻ برادري جي قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري جنهن ڪري اسان مجبور ٿي ڪري روڊن تي نڪري رهيا آهيون هنن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ تحفظ فراهم ڪري رهي آهي  جيڪا سرسر ناانصافي آهي هنن چيو ته بابر علي ميرالي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري  کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو کي وسيع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو