ملتان(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت خانيوال ۾ ذهني معذور شخص جي َرآن پاڪ جي بيحرمتي جي الزام ۾ قتل ڪيل شخص جي ڪيس ۾ گرفتار 31 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گرفتار جوابدارن کي اي ٽي سي ڪورٽ 2 جي جج صادق مسعود صابر آڏو پيش ڪيو ويو هو. ان کان اڳ پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رهنمائي ۽ مناسب ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ 2 رڪني ٽيم جوڙي هئي، ٽيم جي ميمبرن ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ارشد لغاري ۽ محمد اعظم شامل هئا. ارشد لغاري عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ جوابدارن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.










