ڪرمپور(ن سنڌيار)ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيئو ملڪ ۾ مقدم نظام الدين ملڪ جي پٽ نياز علي ملڪ کان ڏينهن ڏٺي جو ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا ھئا ته ايتري ۾ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ڏوهاري جو گهيرو تنگ ڪري محمد امين جعفري برج وٽ ولو ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي همت سان ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو. ڦورو جو نالو نصيف پٽ سهراب نندواڻي ٻڌايو ويو جنهن کي ڳوٺاڻ پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










