شفقت ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، ڊي اين به ميچ ٿي ويو

لاهور (ويب ديسڪ) موٽر وي لڄا لٽ ڪيس ۾ گرفتار ملزم وقارالحسن جي نشاندهي تي مک جوابدار عابد جو ساٿي شفقت کي ديپالپور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن موٽر وي ريپ ڪيس ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هو ڦر جي نيت سان بيٺا هئا ۽ ڪار ڏٺي ته ڪڍ لڳاسين، اڳ ۾ عورت کا ڦر لٽ ڪئي ۽ بعد ۾ کيس هيٺ جهنگ ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو. شفقت عادي ڏوهاري آهي پر سندس پوليس وٽ ڪرمنل رڪارڊ نه هو. وقار پوليس کي ٻڌايو ته عابد اڄڪلهه شفقت سان گڏ ڏوهه ڪندو آهي. پوليس وقار جي تصوير متاثره عورت کي واٽس ايپ تي سڃاڻپ لاءِ موڪلي جنهن کيس  سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هي ملوث ناهي. ان باوجود پوليس وقار جي ڊي اين اي اڄڻ تائين کيس آزاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وقار جي سالي عباس به پاڻمرادو شيخوپوره پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. مک جوابدار عابد جو ڀيڻويو، ڌيءَ ۽ والد پوليس جي حراست ۾ آهن. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سي سي پي او لاهور پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي. جنهن ۾ هن چيو هو ته عورت کي اڪيلي رات دير سان نڪرڻ نه گهرجي ها. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جج چيو ته خبر ناهي موٽروي لڄالٽ ڪيس جي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي، سي سي پي او لاهور جي بيان تي سموري ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت چاهي ته قانون موجب عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ جا موٽروي تي عورت سان لڄالٽ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، جسٽس قاسم خان درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو خبر لاءِ درخواستون داخل نه ڪرايو، قانون پڙهو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيون، عدالت سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي پي او مظلوم عورت کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، اها ڪهڙي قسم جي جاچ آهي، لڄالٽ واقعي تي سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي نياڻين جو حوصلو وڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو