موٽرسائيڪلن تي ايم ٽيگ لڳائڻ جو حڪم هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

موٽرسائيڪلن تي ايم ٽيگ لڳائڻ جو حڪم هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: (بيورورپورٽ) اسلام آباد ۾ موٽرسائيڪلن تي ايم ٽيگ لڳائڻ جي حڪم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.وڪيل عيسيٰ شاهه ايڊووڪيٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي عدالت ۾ ايم ٽيگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي هئي، پر چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي غير موجودگيءَ سبب ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، جڏهن ته رجسٽرار آفيس ڪيس جي ايندڙ تاريخ ٻيهر جاري ڪندو.چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي غير موجودگيءَ سبب سندس عدالت ۾ سنگل بينچ جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو