موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان اڏامون بحال ڪرڻ جو حڪم

موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان اڏامون بحال ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڙڪاڻو سرڪٽ بئنچ سول ايويئيشن اٿارٽي (CAA) کي هدايت ڪئي آهي ته 9 مارچ 2022ع تي جاري ڪيل پنهنجي اڳوڻي حڪم تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائي، جنهن تحت موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي اڏامن جي بحالي جو حڪم ڏنو ويو هو، ۽ ان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. آئيني بئنچ، جنهن ۾ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ شامل هئا، هي حڪم هڪ ٻڌڻي دوران جاري ڪيو، بينچ ۾ 2017ع کان 2019ع جي وچ ۾ داخل ٿيل ٽي هڪجهڙيون آئيني درخواستون ٻڌڻ لاءِ مقرر هيون. درخواست گذارن، وڪيل ساجد حسين مهيسر، وڪيل امداد علي مشوري ۽ وڪيل رفيق احمد ابڙو ڌار ڌار داخل ڪيل درخواستن ۾ عدالت کان مطالبو ڪيو هو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي پي آءِ اي اڏامن جي بحالي جو حڪم ڏنو وڃي. وڪيل مهيسر موجب، پي آءِ اي مڪمل سهولتون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪرڻ باوجود 22 نومبر 2018ع تي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي پروازون معطل ڪري ڇڏيون، جيڪي اڃا تائين بحال نه ٿيون آهن. عدالت پنهنجي 9 مارچ تي اڏامون بحال ڪرڻ واري حڪم تي عملدآمد رپورٽ هڪ مهيني ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 9 اپريل تائين ملتوي ڪندي سول ايوي ايشن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران درخواسگذارن جي وڪيلن عدالت کان استدعا ڪئي ته لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي وچ ۾ روزانو ٻه پي آءِ اي اڏامون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ۽ موهن جو دڙو-لاڙڪاڻو رستي تي خانگي ايئرلائينن کي آپريٽ ڪرڻ جي اجازت به ڏني وڃي. سول ايويئيشن جي وڪيل عدالت ۾ تصديق ڪئي ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ بين الاقوامي سول ايويئيشن تنظيم (ICAO) جي معيار تي پورو لهي ٿو. هن جو رن وي ايئر بَس A320 ۽ بوئنگ 737 جهازن لاءِ مناسب آهي، پر وزن جي حدن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. هي ايئرپورٽ 1967 ۾ قائم ٿيو هو ۽ 50 سال کان مٿي فعال رهيو آهي. پي آءِ اي جي نمائندي، وڪيل عرفان علي سومرو، عدالت کي خاطري ڪرائي ته موهن جو دڙو کان اترين شهرن ڏانهن اڏامون هڪ هفتي اندر ٻيهر شروع ڪيون وينديون، جڏهن ته اندروني صلاح مشوري کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو