مون کي پنهنجو آرمي چيف نه کپي،ميرٽ چاهيان ٿو:عمران خان

مون کي پنهنجو آرمي چيف نه کپي،ميرٽ چاهيان ٿو:عمران خان

ڪرڪ(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي سچ نه ٻڌايو پيو وڃي، هو پنهنجي پٽ لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ جي مشينري گهرائڻ چاهي ٿي.ڪرڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڀارت سان واپار بند ڪيو، ڀارت عالمي قانون ٽوڙيو، ڪشميرين جي خاص حيثيت ختم ڪئي.عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچي ذاتي فائدو کڻڻ ڪرپشن آهي، هي ماڻهو جڏهن به اقتدار ۾ آيا ته ملڪ جا قرض وڌي ويا.هن چيو ته نواز شريف جا پٽ اربين رپين جي گهرن ۾ رهن ٿا، نواز شريف جا پٽ مهانگين علائقن ۾ رهن ٿا جتي برطانيا جو وزيراعظم به رهي نٿو سگهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حسن شريف جنهن گهر ۾ رهي ٿو ان جي قيمت 10 ارب رپيا آهي، حسن شريف کان پڇيو وڃي ته پئسا ڪٿان آيا؟، ته هو چوي ٿو ته هو پاڪستان جو شهري ناهي ته پوءِ جواب ڇو ڏنو وڃي؟عمران خان چيو ته اسحاق ڊار جا پٽ به ٻاهر رهن ٿا، اهي پئسو ڪمائڻ لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا، 40 سالن کان پاڪستان امداد طلب ڪري جيئرو آهي.هن چيو ته آزاد عدليه لاءِ پرويز مشرف جي دور ۾ جيل هو، ڀارت ۽ بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن.عمران خان چيو ته زرداري، شهباز شريف ۽ ٽئين وڪيٽ ڪيرائڻ گهرجي، بلاول ڀٽو چوي ٿو ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو، عمران خان کي آرمي چيف ناهي، عمران خان ميرٽ چاهي ٿو. عمران خان چيو ته مان راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف جي به رٿابندي ڪري رهيو آهيان، ٽين وڪيٽ فضل الرحمان جي آهي، مون ان سوئنگ تيار ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو