مون کي نگران وزيراعظم جي حوالي سان آفر ناهي ٿي: خواجه آصف

مون کي نگران وزيراعظم جي حوالي سان آفر ناهي ٿي: خواجه آصف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو اهي ته نگران وزيراعظم جي لاءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنج نالا شاٽ لسٽ ڪري ورتا سمورا سياستدان آهن پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته مون کي نگران وزيراعظم جي حوالي سان آفر ناهي ٿي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي گڏجي 4، 5 نالا فائنل ڪيا آهن جيڪي ٻين پارٽين سان به ڊسڪس ٿيندا نگران وزيراعظم جو نالو هڪ هفتي ۾ فائنل ٿي ويندو حتمي فيصلو اتحادي پارٽين جي قيادت ڪندي بچاءُ واري وزير چيو ته منهنجي خيال ۾ 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿئي اهو ئي اسان کي سوٽ به ڪري ٿو منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اليڪشن 90 ڏينهن کان به پهريان ٿئي منهنجي خيال ۾ اسيمبليون 2 ڏينهن اڳ ٽٽي وينديون اسيمبلي ۾ ميدان خالي ڇڏيو وڃي ها ته گهڻي ڏکيائي ٿئي ها خواجه آصف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي حوالي سان چيو ته ان ته ڪڏهن به پنهنجو نالو نگران وزيراعظم لاءِ ناهي ڏنو نه ڪنهن اسٽيج تي اهڙي ڪا خواهش ظاهر ڪئي آهي هن چيو ته آصف زرداري بابت اعتبار جو بيان منهنجو ذاتي هو. هاڻي به ان بابت احتياط ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو