مون سان 3 ڀيرا زيادتي ٿي: ناديا جميل وڏو راز فاش

مون سان 3 ڀيرا زيادتي ٿي: ناديا جميل وڏو راز فاش

ممبئي (شوبزنيوز)اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته مون سان 3 ڀيرا زيادتي ٿي. ناديا جميل ٽوئيٽر تي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ سندس ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين جون تصويرن شامل آهن. هن انڪشاف ڪيو ته مان پهريون ڀيرو 4 سالن ۾ عمر ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻيس، ٻيو ڀيرو 9 سالن جي عمر ۾ ۽ ٽيون ڀيرو 17 يا 18 سالن جي عمر ۾ زيادتي جو نشانو بڻيس. سندس چوڻ هو ته مان هاڻ ڪٿي آهيان؟ مون کي شفا ملي، مان نه رڳو جيئري رهيس پر ترقي جون منزلون به طئي ڪيون. ناديا جميل چيو ته مون کي گهري ڊپريشن، اداسي، خوف ۽ شرمندگي سان وڙهڻ ۾ ٻه سال لڳا، تڪليف کان سڪون تائين سفر هو، جيڪو مان طئي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو