ممبئي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا ڪاجول پنهنجي سس وينا ديوگن جي سالگرهه تي ساڻس دلچسپ پيغام شيئر ڪيو آهي. ڪاجول انسٽاگرام تي اجي ديوگن جي ماءُ سان گڏ هڪ يادگار تصوير به شيئر ڪئي ۽ لکيو ته جڏهن توهان ڪنهن مرد سان ازدواجي رشتي ۾ آهيو ته توهان جو تعلق صرف ان هڪ شخص سان نه پر توهان جو سڄو رشتو خاندان سان جڙيل آهي. ڪاجول پنهنجي سس کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان خوش آهيان ته هوءَ منهنجي سس آهي، ڇو ته هوءَ هميشه منهنجي ساٿ ڏيندي آهي، ان ڪري مان اڪثر سوچيندي آهيان ته منهنجي شادي اجي سان نه پر پنهنجي سس سان ٿي آهي. ”

ساڳئي وقت، اداڪارا پنهنجي سس کي شاندار سڏيو ۽ کيس سالگره جي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته اداڪار اجي ديوگن جي ماءُ وينا ديوگن هڪ ڀارتي فلمساز آهي، جيڪا 19 فيبروري 1948ع تي پيدا ٿي ۽ گذريل ڏينهن سندس جنم ڏينهن هو.










