اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف ڌر ايندڙ هفتي پنهنجي تحريڪ سان گڏ خالي هٿين گهر هلي ويندي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته فضل الرحمان جا 48 ڪلاڪ ۽ بلاول جي 5 ڏينهن جي وارننگ ڪاٺ جو گهوڙو ثابت ٿيا آهن. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ايندڙ هفتي اپوزيشن پنهنجي تحريڪ سان گهر واپس هلي ويندي، اپوزيشن جون سموريون دعوائون ٻوڙي وينديون. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم پاڪستان اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس کانپوءِ اهم دورو ڪندو.










