اسلام آباد(بيورو)مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل خيما لڳائيندڙن کي اپيل ڪئي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن.پنهنجي وڊيو پيغام ۾ مولانا طارق جميل چيو ته خيمن جي ڪاروبار ڪندڙن کي گذارش آهي ته الله جي رضا لاءِ خيما فراهم ڪن.هن چيو ته جيڪي ماڻهو خيما وڪڻڻ چاهين اهي اسان سان رابطو ڪن.مولانا طارق جميل چيو ته هن وقت خيمن جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن جا گهر ڊهي ويا آهن اهي گهر ٺاهي نٿا سگهن پر انهن کي خيما فراهم ڪري مدد ڪري سگهجي ٿي.










