اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان جي جهاز ۾ سفر دوران شراب جي بوتل سان گڏ وائرل ٿيل تصوير جي تصديق بعد فيسڪ بڪ ان کي نقلي قرار ڏئي هٽائي ڇڏيو آهي. سندس اهو فوٽو 25 سيپٽمبر تي هن فيس بڪ اڪائونٽ تي شايع ٿيو هو جيڪو هزارين ڀيرا شيئر ڪيو ويو. فيس بڪ وارن تصديق ڪئي آهي ته هي جعلي آهي ان م ايڊٽ ڪري جيڪ ڊينئل شراب جي بوتل رکي وئي آهي. ان تي ڪيپشن لکيو هو ته ‘مولانا ڊيزل جا مدا… جيڪي کيس اسلامي عالم مڃن ٿا…منهنجي خيال ۾ ته هي روح افزا آهي… اوهانجي نظر ۾ ڪيئن آهي؟.










