مولانا جا خدشا، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۾ ڳالهين تي ڊيڊ لاڪ برقرار

مولانا جا خدشا، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۾ ڳالهين تي ڊيڊ لاڪ برقرار

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان اڃان تائين ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن موجب جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪيترن ئي فيصلن جي ڪري پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ناراض آهي، اپوزيشن جي گڏيل اجلاس ۾ به مولانا فضل الرحمان ڏوراپا ڏيندو رهيو جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن مولانا کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏ هلڻ جي لاءِ 5-5 ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي ٺاهي هئي، ٻنهي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين لاءِ اجلاس جي تاريخ طئي ڪئي وئي پر جي يو آءِ پوئتي هٽي وئي جنهن جي ڪري ڊيڊ لاڪ ختم نه ٿيو. ذريعن موجب جي يو آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي ملاقات ۽ اجلاس کان انڪار ڪري ڇڏيو جي يو آءِ ڳالهين واري ڪميٽي جو پهريون اجلاس مولانا فضل الرحمان جي(ها) سان مشروط ڪري ڇڏي.ان حوالي سان جي يو آءِ واري ڳالهين جي ڪميٽي تحريڪ انصاف کي باقاعده پيغام اماڻيو آهي ته ڳالهين جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان نه ملاقات ٿي ۽ نه ئي وري اسان کي اڳيان وڌڻ جو چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو