مودي ۽ عمران استاد شاگرد آهن، عوام کي بي وقوف پيا بڻائن، غفور حيدري

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) مودي ۽عمران پاڻ ۾ استاد شاگرد آھن، ٻنھي حڪمرانن ڪروڙين نوڪرين ڏيڻ جو عوام سان واعدوڪري کين بيوقوف بڻايو آھي. اهڙو اظهار جي يو آئي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ سابق ڊپٽي اسپيڪرسينٽ عبدالغفورحيدري ڳوٺ قياس ڀيو۾ عبدالمالڪ ڀيوپاران ڏنل آڄياڻي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيوته پشاور۾ پوليوجي قطرن پيارڻ سان سوين معصوم ٻارڙڻ جون زندگيون ضايع ٿيڻ جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي. اھڙوخطرناڪ واقعو پيش اچڻ تي دلي صدمو رسيوآھي. ھن چيو ته ڪوئٽا ۾ نيوي جي جوانن کي بي دردي سان شھيدڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. ھن وڌيڪ چيوته ملڪ اندر ھرطرح جي دھشتگردي ھلي پئي ۽ ايڪشن پلان کي صرف ديني مدرسن لاءِ ڪاروائي ڪرڻ تائين محدود ڪري يھوي لابي لا۽ ڪم ڪرڻ جو ٽبوت ڏنو پيووڃي. ھن وڌيڪ چيوته اسلام آباد ڏانھن جڏھن جي يو آءِ جي 30 لک ڪارڪنن سفر شروع ڪيو ته حڪومت جابسترا گول ٿيندا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو