مودي جو خط،وزيراعظم شهباز شريف جو جوابي خط

مودي جو خط،وزيراعظم شهباز شريف جو جوابي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف خط ۾ ڀارتي وزيراعظم کي چيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان ڪشمير مسئلي سميت سڀني مسئلن جو حل چاهي ٿو. ذريعن موجب نريندر مودي، شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي خط لکي مبارڪ ڏني هئي، هاڻ وزيراعظم شهباز شريف نريندر مودي کي جوابي خط لکيو آهي.ڀارتي وزيراعظم خط ۾ پاڪستان سان تعميري لاڳاپن جي خواهش جو اظهار به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو