موت جي وادي ۾ 90 سالن ۾ وڌ کان وڌ گرمي جو پد رڪارڊ

موت جي وادي ۾ 90 سالن ۾ وڌ کان وڌ گرمي جو پد رڪارڊ

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) موت جي وادي طور مشهور  ڪيليفورنيا جي نيشنل پارڪ ۾ هن صدي جي وڏي ۾ وڏي گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آمريڪي اخبار لاس اينجلس ٽائمز موجب 16 آگسٽ تي 3.41 منٽن تي 130 ڊگري فارن هائيٽ (54.4 ڊگري سيلسيس) گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو گذريل 90 سالن ۾ دنيا ۾ ڪٿي به رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي جو رڪارڊ آهي، اخبار موجب نيشنل ويڌر سروسز وارا وڌيڪ رڪارڊ ڀيٽي رهيا آهن ته اڳ ۾ ڪٿي ۽ ڪڏهن ايتري گرمي رڪارڊ ٿي آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز ۾ 1913 ۾ هن ئي وادي ۾ 134 ڊگري گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو ويو هو پر اهو رڪارڊ محققن جي نظر ۾ تڪراري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو