موبائيل فون چارجنگ ۾ عام غلطي کان ڪيئن بچجي؟

موبائيل فون چارجنگ ۾ عام غلطي کان ڪيئن بچجي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڪثر صارفين پنهنجي سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ سميت اڪثر گيجٽس کي 100 سيڪڙو چارج ڪرڻ پسند ڪندا آهن، جيڪو غلط آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به گيجٽ کي جڏهن 100 سيڪڙو چارج ڪندا ته ان جي بيٽري گرم ٿي ويندي آهي، جنهن سان بيٽري جي صلاحيت محدود ٿيندي ويندي آهي. اڪثر ماڻهو رات جو سمهڻ وقت يا اڪثر ڏينهن جو به فون سميت پنهنجا گيجيٽ چارج تي لڳائي ڀلجي به ويندا آهن ۽ اهي 100 سيڪڙو چارج ٿيڻ بعد به چارجنگ ۾ لڳل هوندا آهن. اهو به غير مناسب ۽ نقصانڪار آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهين چاهيو ٿا ته اوهانجي گيجيٽس جي بيٽري جي لائيف بهتر رهي ته انکي 80 سيڪڙو تائين چارڪ ڪندا ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو