ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنزيومر ڪورٽ جي فيصلي خلاف هڪ خانگي ڪوريئر ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ خانگي ڪمپني کي 6 سالن کان پوءِ صارف کي موبائل فون ۽ جرمانو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.صارف جي موبائل فون گم ٿيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪنزيومر ڪورٽ صارف جي موبائل فون گم ٿيڻ تي ڪوريئر ڪمپني تي 45 هزار رپيا جرمانو ڪيو آهي. صارف ڪوريئر ڪمپني ذريعي موبائل فون لاهور موڪليو هو، جيڪو گم ٿي ويو.جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل سنگل بينچ 6 سالن کان پوءِ صارف محمد شاهد جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي خانگي ڪوريئر ڪمپني کي صارف کي موبائل فون ۽ جرمانو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










