مهر سان ذوالفقار شاهه جي ملاقات،ڪارڪردگي جي بريفنگ

مهر سان ذوالفقار شاهه جي ملاقات،ڪارڪردگي جي بريفنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ۽ زراعت واری صوبائي وزيرسردارمحمد بخش مهر سان چيئرمين اينٽي ڪرپشن سید ذوالفقار علي شاهه جي ملاقات ٿي. چيئرمين اينٽي ڪرپشن ملاقات ۾ صوبائي وزير کی کاتي جي ڪارڪردگي, پراسيڪيوٽرز ۽ انويسٽيگيشن آفيسرن کي تربيت ڏيڻ بابت اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته ڪرپشن خلاف شڪايتن جو بروقت ازالو ڪيو وڃي،شفافيت کي نظر ۾ رکندي زیر التوا واري ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي, سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ حقيقي ترقي ممڪن ناهي. اينٽي ڪرپشن واری وزير سردارمحمد بخش مھر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن, اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو