مهراڻ ڪار ۽ ڪيري ۾ ٽڪر 6 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

سيٺارجا(سجاد ڪٻر) سيٺارجا ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪار ۽ ڪيري  وين  ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيري وين ۾ سوار حيدرآباد واسي محمد خان ڪمبوه ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيا. جڏهن ته مهران ڪار م سوار  فيض الله ۽ وحيد بروهي جيڪي نوابشاهه جا رهواسي آهن اهي پڻ زخمي ٿي پيا.

جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺري ميرواهه ۽ محرابپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  پوليس حادثي واري گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو