ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي مهاڻن سان اظهار همدردي طور سنڌ جي مهاڻن احتجاج ڪندي اربع ڏينهن لڳاتار ٻئي ڏينهن به ملڪ جي سڀ کان وڏي بندرگاهه ڪراچي پورٽ جي چينل کي بند ڪري ڇڏيو. احتجاج دوران حڪومتي ٽيم جا ڪيترائي ڳالهين جا دور ٿيا نيٺ اربع تي شام جو احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان سامهون آيو. چينل بند ٿيڻ سان پورٽ تي جهازن جي اچ وڃ مڪمل طور تي رڪجي وئي آهي جنهن سبب پورٽ تي لنگرانداز ٿيڻ لاءِ جهاز چينل جي اندر داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڪجهه جهاز واپس وڃڻ لاءِ ڪالهه کان انتظار ۾ آهن. فشريز ذريعن موجب بلوچستان ۾ مهاڻن تي پابندي خلاف احتجاجن چينل بند ڪيو ويو. وزيراعظم جي بحري معاملن بابت خاص مددگار محمود مولوي ڪي پي ٽي جي هيڊ آفيس ۾ هنگامي اجلاس گھرائي ورتو. ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته چينل کولرائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ميٽنگ ڪري رهيو آهيان ۽ جلد چينل کولرايو ويندو.










