مهانگائي ۽ سياسي پارٽيون ”جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي“

مهانگائي ۽ سياسي پارٽيون ”جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي“

محمد خالد ميمڻ
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پي ٽي آئي جي حڪومت جي ٽن سالن جي دور اقتدار ۾ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آھي ۽ ايتري مهانگائي ڪڏهن به ڪانه ٿي آھي جيتري هن دؤر ۾ ٿي آھي جو چڱا ڀلا خاندان روڊ تي اچي ويا آھن ۽ ڪاروبار ختم ٿي رهيا آھن ۽ پيٽ جي بک اجهائڻ واسطي ڪيترائي غلط ڪم ٿي رهيا آھن جڏهن ته خودڪشين جا واقعا پڻ روزبروز وڌندا ٿا وڃن عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ ڪنٽينر تي بيهي ۽ مختلف پروگرامن ۾ عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا هيا انهن سڀني واعدن تان ڦري ويو ۽ عوام کي ڪوبه ريليف ڏيڻ ته ٺھيو مورڳو سندن جي تڪليفن ۽ دردن ۾ اضافي جو سبب بڻيو آھي ۽ سندس پنهنجي ۽ پارٽي جي اڳواڻن حڪومتي وزير مشيرن جي اک جي پڪائي به ڪمال جي آھي جو پنهنجيون غلطيون مڃن ته نه ٿا پر ان مهانگائي جو ذميوار به خود کي نه ٿا سمجهن ۽ مهانگائي بيروزگاري ۽ ٻين خامين جو به وڏي واڪي  دفاع ڪن ٿا ۽ انهن سڀني جو ذميوار پوين حڪومتن کي قرار ڏين ٿا ساڳي طرح جڏهن اسان پيپلز پارٽي جي مرڪز ۾ پنج سال حڪومت ۽ سنڌ صوبي ۾ مسلسل تيرنهن سال حڪومت جيڪا اڃان هلندڙ آھي ان تي غيرجانبدارانه نظر وجهنداسين ته انهن ٻيو ڪجھ ڪيو آھي يان نه پر سنڌ صوبي جو صفا حشر نشر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏي اٿن ان ۾ ڪرپشن,بدانتظامي,اقرباپروري,ادارن جي تباهي خاص طور تعليم,صحت ۽ مڪاني ادارن سميت سڀني کاتن جي مڪمل طور تباهي سڀني جي سامهون آھي سنڌ سرڪار جي ڪنهن به سرڪاري کاتي تي اوهان نظر وجهندئو ته اتي تباهي ۽ بربادي جي سوا ڪجھ به نظر ايندوَ سنڌ ۾ پوليس جو کاتو انڌي گهوڙي جيان پيو ٿو هلي اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شھرن ۾ پوليس صرف پيسا ڪمائڻ ۽ منٿلي سسٽم تحت هيٺان کان مٿي تائين مال پهچائڻ واري ڪم ۾ لڳل آھي ۽ روزانه صرف گٽڪي,مين پڙي,نشي واريون سوپاريون,چرس,آفيم,شراب ۽ ٻيو نشو واپرائيندڙن کي پڪڙي هر ضلعي جي ايس ايس پيز جي وڏين تصويرن سان ڏوهاري پڪڙڻ جا بيان جاري ڪري اصل وڏا ڏوهاري ۽ نشي جا اصل ڊيلر انهن سان ڊيل ڪري ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿا پيا پر انهن کي ڪوبه چوڻ وارو ڪونه آھي لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ميونسپل,ٽائون,يوسيز جيڪي هر ملڪ جو بنياد هوندا آھن ۽ هر ملڪ کي ڪاروهنوار کي اهي ادارا هلائيندا آھن مٿي قومي ۽ صوبائي اسيمبليون صرف قانون سازي ڪنديون آھن ۽ ان قانون تي عمل اهي مڪاني ادارا ڪرائيندا آھن پر بدقسمتي سان اسان جي سنڌ جا اهي سڀ ادارا مڪمل تباه لڳا پيا آھن سنڌ حڪومت اتي به ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن هر ميونسپل,ٽائون ۽ يوسيز ۾ پئسن ۽ سياسي سفارشن عيوض پنهنجا ماڻھو جن کي هڪ کان ٽن ۽ چئن جاين جون چارجون ڏنيون ويون آھن ۽ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته هر علائقي جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي سميت پ پ جا وڏا عهديدار اتان منٿليون وٺن ٿا ان کان علاوه روينيو کاتو ته آھي ئي ڪرپشن جو ڳڙھ جڏهن ته صحت ۽ تعليم کاتي کي به بخش نه ڪيو ويو آھي جنهن جا کوڙ سارا مثال موجود آھن ۽ تازو ئي وزيراعلي سنڌ کي ڪورٽ سڳوري جي جج صاحب کيس کي ڪورٽ ۾ گهرائي سڀ ڳالهيون پڻ چيون آھن جيڪي ڳالهيون اخبارن چينلن تي پڻ هليون آھن ۽ پ پ وارا هاڻي وري پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ جي لاء وفاقي حڪومت خلاف مهانگائي جي نالي احتجاج ڪري پاڻ کي پاڪ پوتي ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آھن مطلب ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ کي مڪمل طور تباه و برباد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪونه ڇڏي آھي وري اگر نوازليگ جي ڪيل حڪمراني دوران نواز خاندان ۽ انهن جي وزيرن مشيرن جا اگر ڪرتوت لکبا ته ان جي لاء هڪ وڏو ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ انهن جي ڪيل ٽيڪنيڪل ڪرپشن ۽ ڪارنامن جا قصا پڻ ميڊيا جي زينت بڻيل آھن جن ۾ وڪي ليڪس,پينڊورا پيپرز وغيره ۾ سڀ ملڪ جا سياستدان اگهاڙا ٿيل آھن ان ڳالهين مان نتيجو اهو ئي ڪڍي سگهون ٿا ته اسان جا سڀ سياستدان ۽ سڀ سياسي پارٽيون اسان عوام سان سچيون ڪونه آھن اهي صرف اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ واسطي ئي جدوجهد ڪن ٿيون ۽ عوام کي ٻارڻ وانگر استعمال ڪري جذباتي نعرا هڻائي ووٽ وٺي اقتداري ڪرسي حاصل ڪري اهي ئي ساڳيا ڪم ڪن ٿا جن تي اڄ اپوزيشن وارا حڪومتي ڌر تي تنقيد ڪن ٿا ۽ جڏهن هنن کي ڪرسي ملي ٿي ته سندن به ڪم ساڳيا ھوندا آھن جنهن ڪري مان انهن جي لاء سنڌي جي هڪ پهاڪي جو استعمال ڪندس ته”جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي“ ۽ سڀ سياسي پارٽيون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي پنهنجا ڪم سڌا ڪن ٿا جڏهن ته عوام اڳ به سورن ۾ هيو ۽ هاڻي به سورن ۽ تڪليفن ۾ ئي آھي ۽ عوام جا اهنج تڪليفون دور ڪرڻ جي لاء مون کي ته في الحال ڪابه پارٽي نظر نه ٿي اچي باقي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪو مستقبل ۾ وڏو عوامي انقلاب اچي ۽ ان کان بعد ڪا عوام جي هڏڏوکي حڪومت اچي ته جيئن عوام به ڪو سک جو ساه کڻي#

پهنجو تبصرو موڪليو