مهانگائي خلاف اپوزيشن جو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان)اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو ته عمران خان جي ناجائز حڪومت ختم ڪنداسين.

لاهور ۾ مسلم ليگ نواز پاران احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. سکر. خضدار، ڪوئٽا، ڪرائي، لاهور، راولپنڊي، پشاور، گلگت، مظفر آباد، ڪوئٽا، سوات ۽ ٻين شهرن ۾ جمعي نماز بعد احتجاجي جلوس ڪڍيا ۽ مهانگائي گهٽايو جا نعرا هنيا.

حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ عوام جو رت چوسي رهيا آهن. شهباز شريف عوام کي مظاهرن ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. حڪومت چوي ٿي ته مهانگائي جو احساس آهي، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي جاري آهي ۽ جلد ٽارگيٽيڊ طبقي کي رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو