اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح آگسٽ ۾ 27.4 سيڪڙو جي حدف کان مٿي رهي، جمعي تي سرڪاري طور جاري ڪيل ڊيٽا موجب آءِ ايم ايف جي قرض جي شرطن سبب تيل جا اگهه وڌڻ ۽ لڳاتار ڊالر جي ڀيٽ م روپئي جي قيمت گهٽجڻ سبب مهانگائي وڌي وئي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب خوراڪ جي مهانگائي جي شرح پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 38.5 سيڪڙو وڌي وئي. معاشي استحڪام ملڪ لاءِ هڪ وڏو چيلنج آهي ڇاڪاڻ ته 3 بلين ڊالر جي آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پيڪيج کانپوءِ ڊفالٽ کان ته ملڪ بچي ويو پر ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي رڪارڊ ٿي آهي. بيل آئوٽ سان ڳنڍيل سڌارا، بشمول درآمد جي پابندين ۾ نرمي ۽ سبسڊيز ختم ڪرڻ سبب سالياني افراط زر به وڌي وئي آهي. وياج جي شرح ۾ به تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن سبب روپئي جو ملهه تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهتو آهي. پي بي ايس جي آگسٽ جي انگن اکرن ۾ جولاءِ جي 28.3 سيڪڙو مهانگائي جي شرح کان ٿوري نرمي ڏيکاري وئي، پر خوراڪ جي مهانگائي 38.5 سيڪڙو تي وڌي رهي آهي، جنهن ۾ سال بہ سال غير خراب ٿيندڙ خوراڪ جي شين ۾ 42.79 سيڪڙو ۽ خراب ٿيندڙ خوراڪ جي شين ۾ 12.69 سيڪڙو اضافو ٿيو. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صارفين جي سالياني مهانگائي سال جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو ۽ 30.9 سيڪڙو تائين وڌي وئي. ان دوران، سال جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو الڪوحل مشروبات ۽ تمباڪو (97.51 سيڪڙو)، تفريحي ۽ ثقافت (61.38 سيڪڙو)، غير خراب ٿيندڙ خوراڪ جي شين ۽ فرنشنگ ۽ گهرو سامان جي سار سنڀال (41.71 سيڪڙو) ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.










