مهانگائي جو ماريل عوام ڇا مني بجيٽ جو ٻوجهه برداشت ڪندو؟

شاهد راڄپر
ملڪ ۾ ھاڻي نيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آھن ته موجوده حالات ۾ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪرڻ سميت سخت فيصلا ڪرڻ بابت ويچاري رهي آھي جنهن جي ٻڌڻ سان عوام ۾ بيچيني ڦھلجي رهي آھي تہ خدايا خير ڪجان هاڻي وري ڪهڙا سخت فيصلا ورتا ويندا ۽ مني بجيٽ ۾ عوام مٿان ڪهڙا بم ڪيرايا ويندا ؟
ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي حڪمران معشيت جي ناڪامي ۽ نقصانن کي مڃڻ بجائي ان جا بهانا ۽ جواز جوازڄاڻائي روز بروز مهانگائي جا بم عوام مٿان ڪيرائي رهيا آھن ۽ مهانگائي جي وزن سبب عوام جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي ۽ حڪمران ۽ ان جا حمايتي اڃان عوام کي ڊيڄاري رهيا آھن ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ سياسي بيانيو اهو آھي ته اسان سياست بچائڻ نه ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڏٺو وڃي تہ اهي سڀ جا سڀ خيالي پلاء آھن هتي نه ڪنهن کي ملڪ سان محبت آھي نہ ئي سياست ۽ جمهوريت سان هتي هرڪنهن کي پنهنجي بئينڪ بيلنس ، اثاثن سان محبت آھي ۽ اهوئي ورد انهن جي جي دلين ۽ پيل آھي جنهن سبب عوامي اهنج عوامي مسئلا عوامي حالات کان واقف هوندي بي خبر ٿيا پيا آھن ، ڏٺو وڃي تہ حڪمرانن کي اگر سخت فيصلا ڪرڻا آھن تہ انهن کي گهرجي تہ فيصلن واري توب جو رخ ٿورو چينج ڪن ڇا ڪاڻ تہ عوام ڪافي قربانيون ڏنيون آھن ۽ اڃان بہ ڏئي پيو ڏٺو وڃيين تہ عوام دال وٺي تہ ان تي ٽيڪس ڏئي، اٽي تي ٽيڪس ڏئي ، گيھ تي ٽيڪس ڏئي ، کنڊ تي ٽيڪس ڏئي ، پتي (چانھ) تي ٽيڪس ڏئي ، ڪولڊ ڊرنڪ تي ٽيڪس ادا ڪري ، هاٽ ڊرنڪس تي ٽيڪس ڏئي ، سگريٽ تي ٽيڪس ادا ڪري ماچيس تي ٽيڪس ڀري ، هوميوپيٿي يا ايلوپيٿي دوا وٺي ان تي ٽيڪس ادا ڪري ، بجليء جي بل تي ٽيڪس ڏئي گئيس جي بل ٽي ٽيڪس وصوليو وڃي ، بجليء جي بل تي ودهولڊنگ ٽيڪس ، ايڪسائيز ٽيڪٽس، جنرل سيلز ٽيڪس ، ٽيليوزن هجي چاهي نہ هجي توڙي مسجد ۾ ان تي بہ ٽيڪس ، ٽافي تي ٽيڪس ، سفر دوران ٽيڪس ، ٽڪيٽ تي ٽيڪس ، ٽول ٽيڪس ، پيٽروليم مصنوعات تي ڀاري ڀاري ٽيڪس ادا ڪندڙ محب وطن عوام تي اڃان ڪيترا بار وجهڻ جا سنباها ڪيا پيا وڃن اسان لاء لمحہ فڪريہ اهو آھي تہ عوام پاران ادا ڪيل ايڏا ڳنڀير ٽيڪس آخر ڪيڏاهن ٿا وڃن ؟؟ روزاني بنيادن تي بلڪہ ائين چئجي تہ هر منٽ تي ٽيڪس ادا ڪندڙ عوام جو ڏنل ٽيڪس جو پئسو ڪيڏانهن ٿو وڃي ؟؟ ان جو حساب ڪتاب ڪنهن وٽ آھي ….؟ ۽ حساب ڪتاب ڪير ڏيندو ۽ ڪير ڪندو ؟؟؟ ۽ جيڪو ٽيڪس عوام کان وصوليو وڃي ٿو اهو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي ؟؟
مسڪين، غريب ۽ پورھيت طبقي جو حال اھو ئي آھي تہ وٽن پيئڻ لاءِ صاف ۽ پاڪ پاڻي نآھي ۽ نہ ئي وري کائڻ لاءِ ڪا ماني ڳڀو آھي، هونء تہ پاڪستاني عوام کوڙ سارن مسئلن ۽ چيلينجز سان منهن ڏئي رهيو آھي پر اسان جي خوشحال ۽ مالدار سنڌ جو عوام تہ گهڻو ڀوڳي رهيو آھي چي گويرا جي چوڻي آھي تہ ”جنھن قوم کي تاريخ سان دلچسپي نہ ھجي انھن جو حافظو ڪمزور ۽ مزاج جذباتي ھوندو آھي اھو ئي سبب هوندو آھي جو اهي پنھنجي اڳواڻ جي چونڊ ۾ اڪثر ڪري ڌوڪو کائيندا آھن.“ اسان جي قوم جو حال بہ شايد اھڙو ئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ قوم کي قحط جھڙا بدحال ڏينھن ڏسڻا پئجي رھيا آھن ۽ ملڪ ڏيوالي طرف وڌي رهيو آھيو
هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏو قحط تہ قانون جو آھي ۽ قانون جي ڪا رٽ نظر نہ پئي اچي جنھن سبب هرڪو من مانيون ڪري رهيو آھي ۽ ڪو موقعو هٿن مان نہ پيو وڃڻ ڏئي،
عوام مان ھاڻي برداش جو مادو ڳرندو پيو وڃي جنهن سبب روزبروز اخبارن ۾ اهي خبرون شايع ٿي رهيون آھن تہ ڦلاڻي شھر ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ اچي ٽن ٻارن جي والد صاحب زهر کائي ، ڦاهو کائي زندگيء جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ،!!!! ۽ انهن خودڪشين ۽ آپگهاتي واقعن جا ڪارڻ ڇو اڀري رهيا آھن ۽ اهڙن واقعن جو ذميوار آخر ڪير آھن ؟؟
اگر واقعي حڪمرانن کي ملڪ جي مٽي سان جمهوريت سان ۽ عوام سان ٿورو بہ لڳاء آھي چونڊيل نمائندن ، پارليامينٽرين ، اعلي عملدارين مطلب چونڊيل نمائندن ۽ اعلی عهدن تي ويٺل ڪامورن کي ڏنل رڳو مراعتون واپس بہ نہ ورتيون وڃن صرف انهن تي ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات ، بجليء جي بلن ، گئيس جي بلن سميت مليل مراعتن کي گهٽ ڪيو وڃي تڏهن بہ ملڪ ۾ وڌيل مهانگائي ۾ ڪافي حد تائين ڪمي اچي سگهي ٿي ڏٺو وڃي تہ رياست ھر سال اربين روپين جون مراعتون انهن کي ڏئي ٿي جيڪڏھن رڳو انھن سھولتن کي واپس ورتو وڃي تہ پاڪستان مان غربت جو مڪمل طور تي خاتمو آڻي سگھجي ٿو صوبائي وزيرن کان صلاحڪارن ۽ سيڪشن آفيسرن تائين کين ملندڙ رڳو پيٽرول جو ئي اندازو لڳايو وڃي تہ الائي ڪيترو پيسو بچندو جيڪو غريبن کي سھولتون ۽ بنيادي گھرجون پورو ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگھي ٿو ته پوءِ اھڙيون ٻيون نہ ڄاڻ ڪيتريون ۽ ڪنھن ڪنھن کي ملندڙ مراعتون آھن ۽ ھونديون جن کي واپس وٺي پيسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي عوام خوشحال بڻجي وڃي سنڌ اندر موجوده صورتحال ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آھي ۽ اھو ڏھاڙيدار، مسڪين، غريب، ھاري، پورھيت خريد ڪري ئي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ تہ سنڌ ۾ ڪو بہ چيڪ اينڊ بيلنس ناھي ھر ھڪ اٽي چڪي فلور ملز ۽ دڪاندار الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن جنهن سبب ھيٺيون طبقو خريداري ئي نٿو ڪري سگهي، افسوس ان ڳالھ جو آھي ته ھيءَ اُھا خوشحال سنڌ آھي جتي ماکي، مکڻ ۽ کير وڪڻڻ عيب سمجهيو ويندو ھو اڄ ان سنڌ جي اھڙو تہ حليو بگاڙيو ويو آھي جو ماڻهن پنهنجا ٻچا وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن پر بک ۽ بدحالي کان ھاڻي بيزار ٿي ڪري خودڪشون ڪري رهيا آھن
عوام پاران روز مره جي ڏنل ٽيڪس کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي تہ آئي ايم ايف جهڙي اداري کان قرض وٺڻ کان بہ بچي سگهجي ٿو ۽ حڪمران طبقي کي عوامي ڀلائي لاء قدم کڻي عوام ڀلائي لاء سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ هينئر مهانگائي برداش ڪرڻ عوام جي وس کان ٻاهر آھي روزمره جي زندگيء ۾ استعمال هيٺ ايندڙ شين ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن ۽ عوام وٽ آمدني جا ذريعا گهٽ آھن هڪ طرف قدرتي آفتن جو سٽيل ۽ ٻئي طرف حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي ورچڙھيل عوام دانهين تہ آخر ڪنهن در دانهين ، بند گهٽي ۾ ڦاٿل عوام ايترو بند ٿي ويو آھي جو ڪيڏانهن بہ وڃڻ چاهي ٿو تہ وڃي نہ ٿو سگهي ۽ ڪو گس ڏسڻ ۾ نہ پيو اچي تہ منزل ڪهڙي طرف آھي هاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ حڪمرانن توڙي وس وارن کي گهرجي تہ ٻين ملڪن کان جيڪا گذريل سال ٻوڏ دوران امداد ملي هئي ان جي منصفاڻي ورڇ ڪري مستحقن تائين حق پهچايا وڃن ۽ جيڪي حڪمرانن کي شاهي خرچ طور مراعتون مليون آھن رزاڪاراڻي طور واپس ڪري ملڪي ڀلائي لاء ڪتب آندايون وڃن ۽ عوام پاران ادا ڪيل ٽيڪس صحيح نموني استعمال هيٺ آندا وڃن ائين ڪرڻ سان ملڪ تہ خوشحال ٿي ويندو پر غربت جو بہ ڪافي حد تائين خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ پاڪستان سرڪار کي آئي ايم ايف بئينڪ جا شرط مڃڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي پر ان کان قرض بہ گهرڻ جي نوبت نہ ايندي ۽ اگر حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا آھن تہ مهرباني ڪري هن ڀيري توبن جو رخ عوام ڏانهن ھٽائي فيصلا ڪيا وڃن جيئن ملڪ ۽ قوم جو آئيندو بهتر ٿي سگهي.
Shahidali.rajper@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو